ڪراچي جي جوڙي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي جوڙي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو ضلعي ملير جي شاھ لطيف ٽائون جي رھواسڻ نوجوان ناري حميده ڌي ماڻڪ چانگ ڀينس ڪالوني واسي نوجوان سھيل ماڇي سان 26 آگسٽ تي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي ناري حميده چانگ جي وارثن جو ڌمڪيون ملڻ لڳيو جنهن کان پوءِ ناري سندس مڙس تحفظ لاءِ لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ وڪيل رياض مستوئي معرفت درخواست داخل ڪرائي ڇڏي عدالت ٻنهي کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏيندي پوليس کي تحفظ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ھوڏانھن پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي پريمي سھيل ۽ پريمي ڪا حميده جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ھڪ ڪپڙي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا ھئاسين جتي ھڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺاسون ۽ شادي ڪري ڇڏي آهي ناري حميده چانگ وڌيڪ چيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ منصور چاچو ايوب جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيا آهيون خدارا ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

Read Previous

مريدشاخ ڀرسان مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن الزام تان جھيڙو،10 ورهين جو نينگر قتل

Read Next

سکر ۾ ميئر ۽ چئيرمينن جو مدو ختم ٿيڻ سان ئي سياسي سڻڀي پوسٽ ماڻڻ لاء سياسي سرگرميون تيز

Most Popular