ڪراچي جي صافين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ ظالماڻو قدم آهي :امتياز شيخ

ڪراچي :  سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي صافين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ ظالماڻو قدم آهي ۽ وزيراعظم بجلي جي اگهن ۾ ظالماڻي واڌ فوري طور تي واپس وٺي. هن چيو ته ڪراچي جي عوام سان وفاقي همدردي صرف اعلانن تائين محدود آهي. برساتن جي تباهڪارين کان پوءِ عوام وفاقي حڪومت طرفان امداد جي منتظر هئي پر حڪومت امداد ڏيڻ بدران عوام کي وڌيڪ مشڪل معاشي حالتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. امتياز احمد شيخ وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت گذريل ٻن سالن ۾ ڪراچي جي عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ بند ڪري. هن چيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان کاڌي پيتي جون شيون به مهانگي ٿينديون.

Read Previous

سکر ۾ ميئر ۽ چئيرمينن جو مدو ختم ٿيڻ سان ئي سياسي سڻڀي پوسٽ ماڻڻ لاء سياسي سرگرميون تيز

Read Next

پندرنهن سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ ايس او پيز جاري

Most Popular