گڊو بئراج وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

ڪشمور : گڊو بئراج وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري گڊو بئراج وٽان پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي سکر جي آپريٽر ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 28 هزار 211 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 4 لک 21 هزار 833 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 29 هزار 330 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 3 لک 12 هزار280 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 76 هزار 442 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

Read Previous

اسان اميد ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪندي:بلاول ڀٽو

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 7 ماڻهو فوت،4 سئو نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular