پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 7 ماڻهو فوت،4 سئو نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 498 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 7 ڄڻا وائرس سبب فوت ٿيا.پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ سرڪاري ويب سائيٽ موجب وڌيڪ 7 ڄڻن جي فوتگي بعد سموري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيندڙن جو انگ 6335 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل انگ 2 لک 97 هزار 512 ٿي ويو آهي.اي سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23218 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 498 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين ٿيل فوتگين جو انگ 2420 ٿي ويو جڏهن ته 130041 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 175 فوت ٿي چڪا آهنپنجاب ۾ هن وقت تائين 2205 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿيا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڪيسن جو انگ 97044 ٿي ويو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 36414 آهي 1255 وائرس جي ڪري فوت ٿيا، بلوچستان ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 13045 ۽ 143 فوت ٿيندڙن جو انگ آهي، گلگت بلتستان ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 2948 آهي جڏهن ته 71 ماڻهو فوت ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 2306 آهي ۽ 65 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Read Previous

گڊو بئراج وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

Read Next

بلوچستان جي سرياب روڊ تي بم ڌماڪو، 4 ڄڻا زخمي

Most Popular