بلوچستان جي سرياب روڊ تي بم ڌماڪو، 4 ڄڻا زخمي

ڪوئٽا: سرياب روڊ تي موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪي سان 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڪوئٽا ۾ سرياب روڊ تي ولي جيٽ جي علائقي ۾ ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪي وارو مواد ڦاٽڻ سان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا خمي ٿيا.واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس، ايف سي ۽ ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا، سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال کڻي آيا.ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي سان 4 موٽرسائيڪلن کي باهه لڳي وئي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 7 ماڻهو فوت،4 سئو نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

اڄوڪن ڊرامن ۾ شادي ۽ طلاق کانسواءِ ٻيو ڪو موضوع ئي ناهي: بشريٰ انصاري

Most Popular