خيرپور ڊي سي جي حڪم تي ڪارروائي، ڪڻڪ هٿ

خيرپور :  ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي جي حڪم تي اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز احمد ڦلپوٽو خيرپور ضلعي مان ڪڻڪ ٻين ضلعن ۾ روڪڻ لاءِ قومي شاه شاه حسين باءِ تي ايندڙ ويندڙ ٽرڪن ۽ ٽرالر جي چيڪنگ ڪئي، ان موقعي تي شيراز احمد ڦلپوٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي جي حڪم تي ڪڻڪ خيرپور ضلعي مان ٻاهر منقتل ڪرڻ تي قومي شاه تي ايندڙ ويندڙ ٽرڪن،ٽرالر، مزدا گاڏين جي سختي سان چيڪنگ ڪئي ته جيئن ڪڻڪ جي اسملنگ کي روڪي سگهجي .هن چيو ته ڪنهن به واپارين ڪڻڪ ٻاهر موڪل جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ويندي ۽ ان خلاف ڪيس داخل ڪري جيل موڪلينداسين،

Read Previous

پوري ملڪ جيان سجاول ۾ يوم دفاع پاڪستان جي ڏھاري تي ريلي

Read Next

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو يوم دفاعِ پاڪستان جي حوالي سان تقريب، رينجرز ونگ ڪمانڊر طرفان مهمان خاص طور شرڪت

Most Popular