سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو يوم دفاعِ پاڪستان جي حوالي سان تقريب، رينجرز ونگ ڪمانڊر طرفان مهمان خاص طور شرڪت

لاڙڪاڻو :  سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ يوم دفاعِ پاڪستان  جي حوالي سان پرووائيس چانسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ تقريب  ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ رينجرز ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمود احمد طرفان مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، ان دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي نغمه، تقريرون ۽ شاعري ذريعي 6 سيپٽمبر جي شهداءِ پاڪستان کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب کان اڳ ڪئمپس جي گرائونڊ  ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي دعا گهري وئي ۽ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح پڻ ڪيو ويو.  ايس يو سي ايل بزمِ پاڪستان ۽ ليڊرس سوسائٽي طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين سوڌو سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان آزاد ٿيو، اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو هن آزاد ملڪ ۾ سڪون واري زندگي گذاري رهيا آهيون، آزادي کانپوءِ وري 6 سيپٽمبر 1965ع  پاڪ فوج سوڌو سمورن هم وطنن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان جو دفاع ڪيو ۽ شهادت ماڻي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن کي هميشه ياد رکڻ گهرجي جن وطن پاڪستان ۽ اسان لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني. هن چيو ته هر سال جيان هن سال به سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ يوم دفاع جي حوالي سان شاندار تقريب ڪوٺائي شهيدن کي خراج پيش ڪيو آهي، اڄوڪي ڏينهن تي شهداءِ ڪربلا کي به ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان کي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي معرفت الله تعاليٰ پنهنجو پيغام پهچايو ۽ ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عه پنهنجي ساٿين سميت جان جو نذرانو ڏئي ان دين اسلام جو ڀرپور دفاع ڪيو آهي، تنهنڪري ئي چوندا آهن ته اسلام زنده ٿيندو آهي هر ڪربلا کانپوءِ. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو تدريسي توڙي غير تدريسي عمل ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي رهي آهي، وسائل گهٽ هئڻ باوجود شاگرد بهتر نموني ڪم ڪن پيا، جنهن جو تازو مثال مختلف سوسائٽيز جو قيام آهي.  تقريب کي رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمود احمد خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اسان جو دشمن اسان کي مختلف سازشن ذريعي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، ڪڏهن مذهبي بنياد تي ته ڪڏهن وري شيعا، سني ۽ ڪڏهن سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ جي نالي تي ويڙهايو پيو وڃي. اسان سڀ هڪ قوم آهيون. هن چيو ته اسان خوشنصيب آهيون جو اسان کي پاڪستان جهڙو خوشحال ملڪ ورثي ۾ مليو آهي، اسان وٽ سمنڊ، ريگستان، جبل  ۽ سرسبز جهڙا نظارا آهن، اسان کي هڪ قوم ٿي ڪري گڏجي پنهنجي ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شاگردن کي هميشه مثبت سوچ رکي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ پنهنجي مقصد کي آڏو رکي محنت ڪندو رهي. باقي ڪاميابي ڏيڻ وارو الله پاڪ آهي. هن چيو ته پروفيسر اظهر علي شاهه سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ جان وڌي آهي، پهريان عمارت ۾ هن وڏو ڪردار ادا ڪيو هاڻ وري شاگردن کي تدريسي توڙي غير تدرديسي ميدان ۾ به موقعو فراهم ڪيو آهي.  تقريب دوران سائنس، ادب ۽ فن سوسائٽي ۽ ڊيبٽنگ سوسائٽي طرفان ڪرايل مضمون نگاري مقابلي ۾ پوزيشن کڻندڙن کي سرٽيفڪيٽن ۽ نقد انعامن سان پڻ نوازيو ويو.

Read Previous

خيرپور ڊي سي جي حڪم تي ڪارروائي، ڪڻڪ هٿ

Read Next

علي گوهر مهر پڳ ٻڌي ورتي، ڇڪتان ۾ تيزي

Most Popular