علي گوهر مهر پڳ ٻڌي ورتي، ڇڪتان ۾ تيزي

ڏهرڪي :  خانڳڙھ جي مهر سردارن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي، خانڳڙھ جي مهر سردارن ۾ پڳ جي معاملي تان ٿيل ڇڪتاڻ بعد علي گوهر خان مهر پاران اڄ رٿيل سندس راڄ وارو ڪٺ رات جو گهرائي سرداري جي پڳ ٻڌي ورتي، گهرو کاتي سنڌ پاران گهوٽڪي ضلعي اندر قلم 144 جي لاڳو ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد خانڳڙھ جي گوهر پئلس ۾  هزارين ماڻهو پهچي ويا، مختلف ضلعن جي پوليس گهوٽڪي ضلعي جي روڊن رستن کي وک وک تي رڪاوٽون وجهي سيل ڪري ڇڏيو، هزارين ماڻهو روڪاوٽون ٽوڙي گوهر پئلس پهتا، سردار علي گوهر خان مهر کي مهر قبيلي جو چيف سرداري جي پڳ رات جو هڪ وڳي خانڳڙه گوهر پئلس تي  ٻڌرائي وئي  پڳ کي پهريون ور اُچ شريف گادي جي سائين ظفرالله گيلاني، غوث بخش مهر، شهر يار خان شر، سردار راجه خان مهر ،غوث بخش خان مهر۔ چاڪر خان بوزدار۔ هالار خان پتافي ،رئيس غلام رسول انڙ ۽ ٻين ڏنا، هي پڳ ٻڌڻ بعد مون تي مهر قبيلي جا سڀئي مسئلا حل ڪرڻا آھن ۽ ڪجھ ڏينهن اندر مهر قبيلي اندر هڪ تنظيم سازي ڪري قبيلي جي ماڻھن جا مسئلا حل ڪيا ويندا دعا ڪيو تہ مان هي پڳ جو فرض صحيح نموني نڀائي سگهان، چيف سردار علي گوهر خان مهر،  تفصيل موجب: خانڳڙھ جي مهر سردارن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي، خانڳڙھ جي مهر سردارن ۾ پڳ جي معاملي تان ٿيل ڇڪتاڻ بعد علي گوهر خان مهر پاران اڄ رٿيل سندس راڄ وارو ڪٺ رات جو گهرائي سرداري جي پڳ ٻڌي ورتي، گهرو کاتي سنڌ پاران گهوٽڪي ضلعي اندر قلم 144 جي لاڳو ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد خانڳڙھ جي گوهر پئلس ۾ بند ڪمري اندر هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن بعد سردار علي گوهر خان مهر کي سندس مهر قبيلي پاران  پڳ ٻڌرائڻ واري رسم رات جي وقت ئي ڪئي وئي، اٺن ضلعن جي پوليس گهوٽڪي ضلعي جي روڊن رستن کي وک وک تي رڪاوٽون وجهي سيل ڪري ڇڏيو پر ان جي باوجود ئي هزارين ماڻھون پنهجيون گاڏيون رستن ۾ ئي ڇڏي فصلن کي لتاڙيندي خانڳڙھ پهتا جڏهن تہ هزارين ماڻھن جا قافلا پوليس جي رڪاوٽن سبب خانڳڙھ جي گوهر پئلس پهچي نہ سگهيا گهوٽڪي ضلعي اندر ڪرفيو جهڙي صورتحال لاڳو ڪئي وئي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ ساڻس گڏ ايم پي اي شھريار خان شر جيڪي ٻئي هڪ ئي گاڏي ۾ سوار هئا ۽ ڪراچي کان خانڳڙھ اچي رهيا هئا تہ انهن جي گاڏين کي بہ پوليس اڌ ڪلاڪ تائين بيهاري ڇڏيو جنهن بعد هو خانڳڙھ جي گوهر پئلس پهتا جنهن کان بعد پڳ ٻڌائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي  سردار علي گوهر خان مهر کي مهر قبيلي جو چيف سرداري جي پڳ رات جو هڪ وڳي خانڳڙه گوهر پئلس تي  ٻڌرائي وئي  پڳ کي پهريون ور اُچ شريف گادي جي سائين ظفرالله گيلاني، غوث بخش مهر، شهر يار خان شر، سردار راجه خان مهر ،غوث بخش خان مهر۔ چاڪر خان بوزدار۔ هالار خان پتافي ،رئيس غلام رسول انڙ ۽ ٻين ڏنا، مهر قبيلي جي 86 پاڙن جي اڳواڻ هڪ هڪ ٿي اسٽيج تي اچي اهو اعلان ڪيو تہ مرحوم سردار غلام محمد خان مهر جي وفات کانپوء سردارعلي گوهر خان مهر سردارغلام محمد خان مهر جي وڏي پٽ محمد بخش خان مهر کي ڇهن سالن جي عمر ۾ پڳ ٻڌرائي ۽ باقي مهر قبيلي جي مسئلن کي هو پاڻ ئي حل ڪندو رهيو جڏهن محمد بخش خان مهر تعليم مڪمل ڪري سياست ۾ پير پاتو تہ هن برادري جي ماڻھن جي کي مسلسل نظر انداز ڪري غلط فيصلا ڪندو آيو جنهن تي مهرقبيلي کي تمام گهڻو ڏک ۽ تڪليف پهتي سرداري پڳ قبيلي جي ماڻھن جي هوندي آھي جنهن جي ڪري اڄ اسان مهر قبيلي جا سڀئي ماڻھون اها سرداري جي پڳ سردارعلي گوهرخان مهر کي ٻڌرايون ٿا اڄ کان وٺي اسان جي مهر قبيلي جو چيف سردار علي گوهر خان مهر آھي پڳ ٻڌڻ بعد سردار علي گوهر خان مهر مهر برادري کي خطاب ڪندي چيو تہ هي پڳ ٻڌڻ بعد مون تي مهر قبيلي جا سڀئي مسئلا حل ڪرڻا آھن ۽ ڪجھ ڏينهن اندر مهر قبيلي اندر هڪ تنظيم سازي ڪري قبيلي جي ماڻھن جا مسئلا حل ڪيا ويندا دعا ڪيو تہ مان هي پڳ جو فرض صحيح نموني نڀائي سگهان سنڌ سرڪار قلم 144 لاڳو ڪري پوري پاڪستان مان ايندڙ مهر قبيلي جي قافلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان باوجود سڀئي رڪاوٽون ٽوڙي جيڪي هي هزارين ماڻھون پيادل اچي پهتا آھن جن تي کيس مان جس پيش ڪيان ٿو..

Read Previous

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو يوم دفاعِ پاڪستان جي حوالي سان تقريب، رينجرز ونگ ڪمانڊر طرفان مهمان خاص طور شرڪت

Read Next

نئون ديرو : ڳوٺ ٻاجهي گوپانگ ۾ ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ وڏي ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular