نئون ديرو : ڳوٺ ٻاجهي گوپانگ ۾ ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ وڏي ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو

نئون ديرو: نئون ديرو لڳ ڳوٺ ٻاجهي گوپانگ ۾ ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ وڏي ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ مٿان پسٽل جا سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. 28 ورهين جي نوجوان مير پٽ ميهر خان گوپانگ کي پنهنجي ئي ڀاءُ غلام رسول گوپانگ گهر اندر پسٽل جا سڌا فائر ڪيا جنهن ۾ هو شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي گهر ۾ موجود سندس پيرسن پيءُ ۽ ٻيا مائٽ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا. جتي هو فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ نوجوان جا مائٽ اسپتال پهچي ويا جتي هو لاش کي چنبڙي دانهون ڪري روئي رهيا هئا جڏهن ته پيرسن والد پڻ نوجوان جي پٽ جي لاش مٿان روئي روئي بيحال بڻجي ويو. اطلاع تي نئون ديرو پوليس پهچي مقتول نوجوان جي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. مقتول نوجوان جون وارث عورتون، مرد ۽ ٻارڙا سندس لاش کي چنبڙي دانهون ڪري روئي رهيا هئا. ان موقعي تي موجود مقتول نوجوان مير جي پيرسن والد ميهر خان گوپانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي وڏي پٽ غلام رسول گوپانگ جون اڳ ۾ ٻه شاديون ٿيل آهن جيڪو پنهنجي مقتول ننڍي ڀاءُ مير جي گهرواريءَ سان ٽين شادي ڪرڻ لاءِ ضد ڪري رهيو هو جنهن تي مون کيس گهڻو روڪيو ۽ اهو به چيو ته تون ٻه شاديون اڳ به ڪيون آهن جيڪڏهن توکي ٽين شادي ڪرڻي آهي ته تون ڪٿان به وڃي ٽين شادي ڪر جيڪڏهن توکي پئسا گهرجن ته اهي به آئون توکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر ڀاءُ جي زال سان شادي ڪري اسان جي خاندان کي نه لڄاءِ. مقتول جي پيرسن والد اهو به چيو ته منهنجي 70 سالن جي عمر ۾ اسان جي خاندان ۾ ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو تون ڇو ان ڳالهه تي ضد ڪري بيٺو آهين. هن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ وڃي پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير کي زور ڀريو ته تون پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ته جيئن مان ان سان شادي ڪري سگهان جنهن تي ننڍي ڀاءُ مير پنهنجي وڏي ڀاءُ غلام رسول کي انڪار ڪندي چيو ته آئون پنهنجي زال کي ڪڏهن به طلاق نه ڏيندس جنهن تان مڇرجي منهنجي وڏي پٽ غلام رسول پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير کي پسٽل سان سڌا فائر ڪري قتل ڪري اسان سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ کي ڪجهه مخالفن ورغلائي ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پٽ جي مڙهه جي تدفين بعد آئون سندس قتل جو ڪيس داخل ڪرائيندس. ٻئي پاسي واقعي بابت نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او فدا حسين لانگاهه چيو ته اسان جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ چڙهايون ڪيون آهن جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي. واقعي جو ڪيس وارث داخل ڪرائڻ ناهن آيا اهي جڏهن به ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته انهن جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Read Previous

علي گوهر مهر پڳ ٻڌي ورتي، ڇڪتان ۾ تيزي

Read Next

جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاغ جي مُک تقريب آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا

Most Popular