جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاغ جي مُک تقريب آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا

راولپنڊي: يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾  شهيدن جي يادگار  تي مُک تقريب ٿي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شهيدن جي يادگار تي گل  چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ به شهيدن جي يادگار تي يوم دفاغ جي تقريب ٿي. نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب جي آخر ۾ نيول چيف شهيدن جي وارثن سان به ملاقات ڪئي. جنهن کان پوءِ پاڪ بحريه جي سربراهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڇهه سيپٽمبر جو ڏهاڙو اسان جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي. هي ڏينهن اسان جي پاڪستاني قوم ۽ فوج جي غير متزلزل  عزم ۽ بهادري جي ياد ۽ شهيدن، غازين جي بي مثال بهادري ۽ قربانين جو غماز آهي جيڪو دشمن جي برتري جي باوجود ثابت قدم رهي ۽ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو.  نيول چيف چيو ته پاڪ بحريه جي جرئتمنداڻي جنگي حڪمت عملي ۽ پيشوارانه قابليت دشمن کي بچاءُ جي پاليسي اپنائڻ تي مجبور ڪيو. پاڪ بحريه جي جهازن  آپريشن (سومنات) جي دوران بي مثال بهادري سان ڀارتي ريڊار اسٽيشن کي تباهه ڪيو.  هن چيو ته پاڪ بحريه اڄ به دشمن جي سازشن  جو منهن توڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. اڄ پاڪ بحريه جا سمورا آفيسر ۽ جوان ملڪي بحري سرحدن جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم کي  ورجائين ٿا ته جيئن ايندڙ نسلن  لاءِ هڪ ترقي يافته ۽ پراميد مستقبل مهيا ڪري سگهجي.

Read Previous

نئون ديرو : ڳوٺ ٻاجهي گوپانگ ۾ ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ وڏي ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪورونا وبا دوران به دوست ملڪ آمريڪي پابندين تي خاموش تماشائي بڻيل رهيا: ايران

Most Popular