ڪورونا وبا دوران به دوست ملڪ آمريڪي پابندين تي خاموش تماشائي بڻيل رهيا: ايران

تهران: تهران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران به ڪنهن دوست ملڪ آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي لاءِ آواز نه اٿاري.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران جي صدر حسن روحاني اقتصادي پابندين تي آمريڪا مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران به ان پابندين کي نرم نه ڪري آمريڪا ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انسانيت جو ڪوبه ڏک نه آهي. آمريڪا کي عالمي وبا سبب پيدا ٿيندڙ بحراني ڪيفيت کي نظر ۾  رکڻ گهرجي ها. صدر حسن روحاني آمريڪي پابندين جي مخالفت نه ڪرڻ تي ٻين عالمي طاقن ۽ دوست ملڪن کي به  تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته ايران جي دوست ملڪن به آمريڪا جي هڪ طرفي قدمن ۽ پابندين جي مخالفت ۾ خاموشي اختيار ڪئي آهي ۽ ڪنهن به ايران جو ساٿ نه ڏنو.

Read Previous

جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاغ جي مُک تقريب آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا

Read Next

ياسر حسين ارطغرل غازي جي اداڪارن کي ڪچرو چوڻ جي وضاحت پيش ڪري ڇڏي

Most Popular