ياسر حسين ارطغرل غازي جي اداڪارن کي ڪچرو چوڻ جي وضاحت پيش ڪري ڇڏي

ڪراچي: اداڪار ياسر حسين ترڪ ڊرامي(ارطغرل غازي) جي اداڪارن کي ڪچرو چوڻ جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.  ٻه ڏينهن اڳ ياسر حسين انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي جي اداڪارن ارطغرل ۽ تورگت الپ جي پاڪستاني هم شڪلن جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو هو ته(هنن کي ڪير به نه پڇندو ڇو ته گهر جي مرغي دال برابر ۽ ٻاهر جو ڪچرو به مال جي برابر)  هن ڪيپشن ۾ ياسر حسين ترڪ اداڪارن کي ڪچري سان ڀيٽ ڏني هئي. ياسر حسين جي ان بيان تي جتي سوشل ميڊيا صارفين ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اتي ئي انوشي اشرف به کين سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته اچو ٿورو ياسر حسين کي ياد ڏياريو ته ڪوبه ڪنهن جي ڪچرو نه آهي ۽ جيڪڏهن ان جو ڪم ياسر حسين جي پسند جي برابر نه آهي  تڏهن به دنيا جي اداڪارن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. انوشي اشرف جي ان تبصري تي ياسر حسين کيس جواب ڏيندي وضاحت پيش ڪئي ته  ڇا مون هن بيان ۾ ڪٿي به ارطغرل جو نالو ورتو؟ نه. ننڍپڻ کان جاپان جي استري، انڊيا جي ساڙهي، آسٽريليا جي ڪنلري کي سٺو سمجهون ٿا.  اسان پنهنجي مال کي ڪچرو سمجهو آهي. اسان کي  پنهنجي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. اڄ به پاڪستان جي نيشنل استري سڀني کان وڌيڪ پائيدار آهي.  پر اوهان سڄي زندگي انگريزي ڳالهائي ۽ انگريزي گانا وڄايا آهن پنهنجي  شو تي. اوهان کي سمجهائڻ ٿورو مشڪل آهي.  

Read Previous

ڪورونا وبا دوران به دوست ملڪ آمريڪي پابندين تي خاموش تماشائي بڻيل رهيا: ايران

Read Next

گُگلي ماسٽر عبدالقادر جي پهرين ورسي

Most Popular