گُگلي ماسٽر عبدالقادر جي پهرين ورسي

لاهور: ليگ اسپنر جي جادوگر عبدالقادر کي اسان کان وڇڙئي هڪ سال گذري ويو. هو 6 سيپٽمبر 2019 تي 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. رپورٽ موجب 66 ٽيسٽ ۽ 104 هڪ ڏينهن وارن ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ هن گگلي ماسٽر جي خدمتن  جي تعريف ڪندي اسپنر مشتاق احمد چيو آهي ته  عبدالقادر جيترو سٺو رانديگر هو اوترو ئي هو سٺو انسان به هو جڏهن به ليگ اسپن بالنگ جو ذڪر ٿيندو عبدالقادر جو نالو ضرور ورتو ويندو.  مشتاق احمد چيو ته  هن ليگ اسپن بالنگ کي سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ ڏياري ۽ پاڪستاني ٽيم جي  کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪرڪيٽ ۾ باوجي جي نالي سان مشهور واقعي هو هڪ سٺو انسان هو.  هو جنهن به ڳالهه کي غلط سمجهندو هو ان کي  فوري طو تي بيان ڪري ڇڏيندو هو.   هن جرئت ۽ بهادري سان ڪامياب زندگي گذاري. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾  عبدالقادر جي کوٽ کي هميشه محسوس ڪيو ويندو.

Read Previous

ياسر حسين ارطغرل غازي جي اداڪارن کي ڪچرو چوڻ جي وضاحت پيش ڪري ڇڏي

Read Next

آسٽريا جي شهري برف ۾ دير تائين بيهڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

Most Popular