آسٽريا جي شهري برف ۾ دير تائين بيهڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لنڊن: آسٽريا جي شهري برف سان ڀريل باڪس ۾ سڀني کان وڌيڪ وقت تائين رهڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. 42 ساله جوزف ڪوبرل 2 ڪلاڪ، 30 منٽ ۽ 57 سيڪنڊن تائين برف جي باڪس ۾ رهيو. اڍائي ڪلاڪن تائين قلمي ڄمائيندڙ ٿڌ برداشت ڪري آسٽريائي شهري پويون رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. جوزف ڪوبرل 2 ڪلاڪ، اٺ مٺ ۽ 47 سيڪنڊن تائين برف ۾ رهڻ جو پنهنجو ئي رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيو. جوزف گذريل سال اهو رڪارڊ قائم ڪيو هو. جوزف ڪوبرل ان دوران جسم تي صرف تيراڪي وارو شاٽس پاتو هو. آئس باڪس ۾ هو ڪلهن تائين برف ۾ ٻڏل هو. جنهن باڪس ۾ هو بيٺل هو اهو به ٽرانسپيرنٽ هو. رڪارڊ ٺاهڻ دوران جوزف هٿ سيني تي ڪراس جي صورت ۾ رکيا هئا. رڪارڊ ٺاهڻ کان پوءِ جوزف آئس باڪس کان ٻاهر اچي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سج جي گرم روشني  سٺي لڳي رهي آهي. ڊينوب درياءَ جي ڪناري تي واقع شهر ميلڪ ۾ بنپهرن جي وقت هي نظارو ڏسڻ جي لاءِ شهر جي ڪافي ماڻهن مرڪزي اسڪوائر تي جمع ٿي ويا هئا.  جوزف ڪوبرل ٻڌايو ته برف ۾ ايتري دير ٻيهڻ کان پوءِ اوهان جي جسم کي سڀني کان پهرين شيءَ گرم ڪندي آهي اها آهي اوهان جا پير، ان لاءِ مان هاڻ فوري طور تي جوراب پائيندس.

Read Previous

گُگلي ماسٽر عبدالقادر جي پهرين ورسي

Read Next

ملڪ ۾ پيل برساتن بعد دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري

Most Popular