لاڙڪاڻو: اياز علي ۽ اعجاز علي جا قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو:  ميروخان ٿاڻي جي حد وارهه بئراج وٽ چار ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عرضي ڀٽو واسي ٻن مقتول ڀائرن اياز علي ۽ اعجاز علي مغيري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي مردن ۽ ٻارڙن سان گڏجي ايس ايس پي چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن محمد عرس، آدم خان، شہزادي، ضميران خاتون، زاهدان خاتون مغيري ۽ ٻين دانهيو ته گذريل چار سيپٽمبر جي ڏينهن اياز علي ۽ اعجاز علي مغيري ميروخان جي سول ڪورٽ مان ڪيس جي ٻڌڻي بعد لاڙڪاڻي اچي رهيا هئا ته وارهه بئراج وٽ جوابدارن عبدالستار، منظور، شاهد جتوئي ۽ ٻين گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو اهڙي واقعي جو ڪيس حد جي ميروخان ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن الزام لڳايو ته قتل واري واقعي ۾ زخمي ٿيل وڪيل غلام مصطفيٰ مهر پڻ شامل آهي جنهن ٻڌڻي کان اڳ توڙي بعد قاتلن کي سڄي معلومات ڏني جيڪو قاتلن سان ٻٽ بڻيل آهي پر پوليس سندس مٿان ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. 

Read Previous

رتوديرو: شهر جي قديمي قبرسات ۾ برسات جو پاڻي ٻڏل، انتظاميا گم، شهرين جو احتجاج

Read Next

الله الله ڪري آخر اسڪول بابت فيصلو ٿي ويو

Most Popular