رتوديرو: شهر جي قديمي قبرسات ۾ برسات جو پاڻي ٻڏل، انتظاميا گم، شهرين جو احتجاج

رتوديرو جو قديمي قبرستان پاڻي ۾ ٻڏل، انتظاميه پاڻي نيڪالي لاء ڪي قدم نه کنيا، ڪيتريون قبرون مسمارجي ويون، قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي شهرين پاران ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه خلاف احتجاج نعري بازي، مبارڪ شاھ جي تاريخي قبرستان ۾ بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، شهري رپورٽ موجب رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه جي نااهلي سبب 20 ڏينهن گذرڻ باوجود مبارڪ شاھ جي قديمي قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو پاڻي بيهجڻ سبب سوين قبرون مسمارجي ويون، خالد حسين; محمد عزير، اشفاق احمد، شان، جنيد، عابد حسين منگي، فضل رحمٰن سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ”نااهل نااهل ميونسپل ڪاميٽي سي ايم او ۽ ايڊمنسٽريٽر نااهل“ جي ڇتي نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آھي جو ميونسپل ڪاميٽي جي نااهل ۽ ڪرپٽ انتظاميه شهر کي گندگي جي ور چاڙهي جيئرن کي ته تڪليف پهچائي رهيا آھن پر جتي هنن جا پنهنجا ۽ سڀني شهر واسين جا پيارا دفن آھن مئلن جي آخري آرام گاھ قبرستان کي به نه بخشيو برسات پئي 20 ڏينهن گذري ويا پر قبرستان ۾ هن وقت به گوڏي جيترو ڪنو پاڻي بيٺل آھي جنهن سبب سوين تاريخي قبرون مسمارجي ويون ۽ ڪيتريون قبرون هيٺ لهي ويون آھن جيڪو ڏسي تڪليف پهچي ٿي ۽ پنهنجن پيارن جي قبرن تي قل خواني لاء ايندڙ شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آھن، هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري ايم پي اي فريال ٽالپور کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي نااهل انتظاميه خلاف نوٽيس وٺي قبرستان ۾ بيٺل ڪنو پاڻي جلد کان جلد نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو،

Read Previous

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

Read Next

لاڙڪاڻو: اياز علي ۽ اعجاز علي جا قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

Most Popular