ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران قادپور شينڪ بند جو دورو، ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

گهوٽڪي : ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي قادرپور شينڪ بند پهتو، صورتحال جو جائزو، امڪاني ٻوڏ جي پيش نظر متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪيا ويا. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم قادرپور شينڪ بند، قادرپور لوپ بند ۽ او جي ڊي سي ايل حفاظتي بند جو دورو ڪري امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته فلڈ فورڪاسٽنگ ڊويزن پاران گڊو بئيراج وٽ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي انڪري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن حفاظتي بندن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن ٻڌايو ته احتياطي طور تي ڪچي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ نيامڻ لانڍي، شيردل ڪچوٻنڊي ۽ ڄام محمد علي لکڻ ۾ 3 ٽينٽ سٽي قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن ضرورت موجب متاثرن کي منتقل ڪري سگهجي. ان موقعي تي هن ڊائريڪٽر سيڊا کي هدايت ڪئي ته حساس حفاظتي بندن جي ڪم جي معيار کي بهتر بڻائي خصوصي طور تي نگراني ڪئي وڃي ۽ آبپاشي کاتي جي ملازمن جون موڪلون رد ڪري کين حفاظتي بندن تي مقرر ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان اڳ آبپاشي کاتي جي انجنيئر ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ھن وقت گڊو بئيراج وٽان 5 لک 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو آهي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر پاران ڊي ايڇ او ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آئي سميت ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ کي ليٽر لکي حفاظتي بندن سان ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪئمپون قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

Read Previous

کنڀي ڪيم ڪيل سردار ملاڻي جي بازيابي لاءِ ٻارڙن جو احتجاج

Read Next

تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ نوابشاهه جو دورو