حزب الله جي مدد جو الزام، آمريڪا ٻن اڳوڻن لبناني وزيرن تي پابندي لڳائي ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا لبنان جي ٻن اڳوڻن وزيرن تي حزب الله جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  آمريڪا جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا لبنان جي اڳوڻن وزيرن يوسف فنيانوس ۽ علي حسن خليل تي ايگزيڪٽو آرڊرن جي تحت دهشتگرد تنظيم حزب الله کي مدد فراهم ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوسف فنيانوس ۽ علي حسن خليل اڳوڻي  ڪابينه جي ميمبرن جي حيثيت سان حزب الله کي سياسي ۽ معاشي مدد فراهم ڪئي.  آمريڪا لبنان جي اڳوڻن وزيرن مٿان  الزام هنيو آهي ته انهن حزب الله جي ذيلي ڪمپنين کان لکين ڊالرن جي ماليت جا ٺيڪا ڏياريا ۽ وزارتن مان حزب الله سان لاڳاپيل ادارن کي پئسا منتقل ڪيا.  بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازي  پابندين مان ظاهر ٿئي ٿو ته لبنان جا اهي سياستدان پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪندي حزب الله کي سياسي ۽ مالي فائدو پهچايو آهي اهي به ساڳئي طرح جا ذميوار آهن جهڙي طرح حزب الله جا پنهنجا ميمبر يا ڪرپٽ ڪاروباري ماڻهو ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙ ماڻهو آهن. جنهن ڪيترن سالن تائين هن دهشتگرد تنظيم جي مدد ڪئي.

Read Previous

عرب ليگ امارات ۽ اسرائيل معاهدي جي مذمت کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي: الله والا ٽائون ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي، ٻارڙو فوت اٺ ڄڻا زخمي

Most Popular