ڪراچي: الله والا ٽائون ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي، ٻارڙو فوت اٺ ڄڻا زخمي

ڪراچي: ڪورنگي الله والا ٽائون ۾ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙي جي فوت ٿي وڃڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.  رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي الله والا ٽائون ۾ چار منزله رهائشي عمارت پٽ پئجي وئي جنهن ۾ ڪجهه  ماڻهن جي دٻڄي وڃڻ جا امڪان آهي.  عمارت ڪرڻ کان پوءِ علائقي جي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ريسڪيو ڪارروايون شروع ڪيون پر ان کان پوءِ ريسڪيو ٽيمن جا رضاڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا جنهن کان پوءِ عمارت جي ملبي هيٺيان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي.  علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي مان ڪجهه ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي پر 25 جي ويجهو ماڻهو اڃان تائين موجود هجڻ جو امڪان آهي. پوليس ذريعن موجب جنهن تي هنڌ تي  عمارت ڪري آهي اتي ڪافي وقت کان پاڻي بيٺل هو جڏهن ته عمارت ۾ 6 فيملين جي رهائش جون رپورٽون ملي رهيون آهن. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته عمارت جي ملبي مان هنيئر تائين 8 زخمين  ۽ هڪ ٻار جي لاش کي ڪڍيو ويو آهي جنهن کان پوءِ سمورن ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

حزب الله جي مدد جو الزام، آمريڪا ٻن اڳوڻن لبناني وزيرن تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

ارب پتي ڌوني جهارکنڊ ايسوسيئيشن جو ارڙنهن سئو روپين جو قرضي نڪتو

Most Popular