ارب پتي ڌوني جهارکنڊ ايسوسيئيشن جو ارڙنهن سئو روپين جو قرضي نڪتو

نئين دهلي: اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ۽ ارب پتي رانديگر مهندرا سنگهه دهوني پنهنجي جهارکنڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو 1800 روپين جو قرضي نڪتو آهي.  مهندرا سنگهه دهوني پنهنجي جهارکنڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي 1800 روپين جو قرضي نڪتو اها ڳالهه سامهون اچڻ کان پوءِ تڪرار شروع ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن طرفان ظاهر ڪيل اڪائونٽنس ۾ مهندرا سنگهه ڌوني تي 18000 روپين جو قرض واجب الادا ٻڌايا ويو. جنهن تي رانديگر جي مداحن ڊرافٽ ٺهرايو ۽ جڏهن هو ان کي ايسوسيئيشن ۾ جمع ڪرائڻ ويا ته ان کي قبول نه ڪيو ويو پر ان سان گڏ ئي اهو به واضغ نه ڪيو ويو ته ڌوني اها رقم ادا ڪري ڇڏي آهي يا نه. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي به تبصرا ڪيا پيا وڃن.

Read Previous

ڪراچي: الله والا ٽائون ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي، ٻارڙو فوت اٺ ڄڻا زخمي

Read Next

انگلينڊ جي ڊگهي دوري کان پوءِ قومي رانديگر ديسي کاڌن جو مزو ماڻڻ لڳا

Most Popular