انگلينڊ جي ڊگهي دوري کان پوءِ قومي رانديگر ديسي کاڌن جو مزو ماڻڻ لڳا

لاهور: انگلينڊ جي ڊگهي دوري کان پوءِ واپس ايندڙ قومي رانديگر ديسي کاڌن تي هٿ صاف ڪرڻ لڳا آهن. پي سي بي  پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهيون ڪندي وهاب رياض چيو ته هڪ مشڪل دوري کان پوءِ واپس آيو آهيان. پٽاٽن وارا پراٺا، قيمي وارا نان کاڌا آهن. فيملي سان گڏ هوٽل تي به ويو هئس ۽ دوستن سان گڏ آئسڪريم به کاڌي. شاداب خان چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ گهر ڀاتين سان وقت گذارڻ جو موقعو مليو.  محمد موسيٰ ۽ حارث روئوف مري گهمڻ جي لاءِ ويا جتي هنن ديسي کاڌن جو مزو ماڻيو آهي.  حيدر علي چيو آهي ته گهر ڀاتين سان گڏ خوشگوار لمحا گذاريا هاڻ ڪنهن تفريحي هنڌ تي به انهن سان گڏ ئي وڃڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهيان.  واضح رهي ته قومي رانديگر بائيو سيڪيور ماحول تائين محدود رهندي انگلينڊ ۾ 9 هفتن جي رهائش کان پوءِ ئي ملڪ واپس موٽيا آهن.

Read Previous

ارب پتي ڌوني جهارکنڊ ايسوسيئيشن جو ارڙنهن سئو روپين جو قرضي نڪتو

Read Next

86 سالن جي عورت سان لڄالٽ واري واقعي سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو

Most Popular