عالمي شهرت ماڻيندڙ فٽبالر رونالڊو گولز جي سينچري مڪمل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو

پرتگال: عالمي شهرت ماڻيندڙ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو انٽرنيشنل گولز جي سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب ڪرسٽيانو رونالڊو يوئيفانايشز ليگ ۾ سوئيڊن جي خلاف گول ڪري اهم مقام حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻ هو فٽبال جي دنيا جي عالمي مقابلن ۾ 100 گول ڪندڙ ٻيون ۽ يورپ جو پهريون رانديگر بڻجي ويو.  واضح رهي ته ايراني فٽبالر علي داعي انٽرنيشنل ميچن ۾ 109 گول ڪري پهرين نمبر تي آهي. جڏهن ته پرتگال سوئيڊن کي 0-2 تان شڪست ڏني ۽ ٻئي گول رونالڊو جي نالي رهيا.  ياد رهي ته ان کان اڳ رونالڊو پروفيشنل فٽبال ڪيريئر ۾  700 گول ڪري چڪو آهي ۽ اها منزل حاصل ڪندڙ هي دنيا جو ڇهون فٽبالر آهي.

Read Previous

86 سالن جي عورت سان لڄالٽ واري واقعي سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو

Read Next

غير اخلاقي ڊرامن تي پابندي لڳائڻ تي عتيقه اوڍهو پيمرا تي ڪاوڙجي پئي

Most Popular