86 سالن جي عورت سان لڄالٽ واري واقعي سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو

ڀارت ۾ پيرسن عورت سان لڄالٽ واري واقعي کي سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. رپورٽ موجب ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي جي پوليس 86 سالن جي پيرسن عورت کي تشدد ۽ لڄالٽ جو نشانو بڻائيندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو. دهلي ڪميشن فار ويمن جي سربراهن سواتي موليوال خابرو ادارن کي ٻڌايو ته بزرگ عورت سومر جي شام کير واري جو پنهنجي گهر جي ٻاهران انتظار ڪري رهي هئي ته واقعو پيش آيو. هن چيو ته حملي آور عورت کي ٻڌايو ته سندن کير وارو اڄ نه ايندو جڏهن ته حملي آور پيرسن عورت کي ٻي جاءِ تان کير وٺي ڏيارڻ لاءِ هلڻ بابت زور ڀريو. عورت هن شخص تي ڀروسو ڪري ساڻس گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو عورت کي ڀر وارين ٻنين ۾ وٺي ويو ۽ اُتي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. سواتي موليوال چيو ته بزرگ عورت روئندي حملي آور کي منٿون ڪندي رهي ته هو سندس ڏاڏيءَ جهڙي آهي پر جوابدار کي ذرو به رحم نه آيو ۽ هن عورت کي پنهنجي هوس جو نشانو بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته ٻنين جي ڀرسان گذرندڙن کي متاثر عورت جي روئڻ جو آواز آيو جنهن تي ماڻهن حملي آور کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. سواتي موليوال جو چوڻ هو ته هوءَ اڱاري جي ڏينهن متاثر عورت سان ملاقات لاءِ سندس گهر وئي جتي هڪ بزرگ عورت سان پيش آيل واقعي سندس دل ڌوڏي ڇڏي. دهلي ڪميشن فار ويمن جي سربراهه چيو ته بزرگ عورت جي هٿن تي مڪمل طور گهنج هيا، هن جي سڄي جسم تي تشدد جا نشان هئا ۽ هوءَ شديد صدمي ۾ هئي.

Read Previous

انگلينڊ جي ڊگهي دوري کان پوءِ قومي رانديگر ديسي کاڌن جو مزو ماڻڻ لڳا

Read Next

عالمي شهرت ماڻيندڙ فٽبالر رونالڊو گولز جي سينچري مڪمل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو

Most Popular