پيرا ميڊيڪل جي خلاف سول اسپتال جو احتجاج ۾ معظم عباسي جي شرڪت

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي پيرا ميڊيڪل جي عملي پاران اسپتالن جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جي مبينا ڪرپشن ۽ ملازمن سان ناروا سلوڪ خلاف ڪالھ به سول اسپتال جي احاطي ۾ بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي ايم پي اي معظم علي عباسي، جي يو آءِ ضلعي جنرل سيڪريٽري محبت کهڙو، ايڊوڪيٽ قادر بخش ڀٽي سميت سماجي ورڪر رمضان شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي معظم علي عباسي چيو ته سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتو لاڙڪاڻي جي اسپتالن لاءِ سنجيده نه آهن، حيرت جي ڳالھ آهي ته لاڙڪاڻي جي اسپتال لاءِ هميشه نواب شاھ مان ايم ايس کي مقرر ڪيو ويندو آهي، ڇا لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهر جي آفيسرن ۾ اهليت نه آهي جو انهن کي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته اسين لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان ملازمن جي حمايت ڪندي سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا ته جاري ڪيل 26 ڪروڙ بلن جي شفاف نموني جاچ لاءِ جوڊيشل انڪوائري جوڙي وڃي ٻي صورت نيب ۾ درخواست داخل ڪرائڻ سان گڏ هر قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو. بک هڙتالي ڪئمپ ۾ پيرا ميڊيڪل اڳواڻن ضمير سانگي، منور منگي، عبدالجبار ناريجو، غلام حسين لانگاھ، غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.    

Read Previous

ڪنڊيارو: پوليس جي ڪارروائي دوران ڪيترائي گرفتار

Read Next

مريد عباس قتل ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار عادل زمان سپريم ڪورٽ مان فرار

Most Popular