مريد عباس قتل ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار عادل زمان سپريم ڪورٽ مان فرار

ڪراچي: خانگي ٽي وي اينڪر مريد عباس قتل ڪيس جو مُک جوابدار عادل زمان درخواست رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان فرار ٿي ويو آهي.  مريد عباس قتل ڪيس ۾ گرفتار مُک جوابدار عاطف زمان جي ڀاءُ عادل زمان جي ڪجهه وقت اڳ مقامي عدالت مان ضمانت تي رهائي ملي هئي جنهن جي خلاف مقتول جي ڌر طرفان عدالتي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اڄ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ عادل زمان جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ مريد عباس قتل ڪيس ۾ مُک جوابدار عادل زمان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو. ضمانت تي رهائي جو حڪم نامو رد ٿيڻ تي عادل زمان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان فرار ٿي ويو.  عدالت جوابدار کي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار کي ضمانت منظور ڪرڻ وقت اهم شاهدين کي نظر انداز ڪيو. جوابدار جي خلاف 4 گواهه موجود آهن جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته جوابدار واقعي واري هنڌ موجود هو.

Read Previous

پيرا ميڊيڪل جي خلاف سول اسپتال جو احتجاج ۾ معظم عباسي جي شرڪت

Read Next

وزيراعظم ڪراچي ۾ ٻارڙي جي قتل ۽ موٽروي تي عورت سان زيادتي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular