ڪنڊيارو: پوليس جي ڪارروائي دوران ڪيترائي گرفتار

ڪنڊيارو پوليس جي ڪاروائي ڏوهاري گروپ سان تعلق رکندڙ چار جوابدار گرفتار 38  ڪلو   منشيات هٿيار ۽ چوري ٿيل 26 موٽرسائيڪلون هٿ  ڪرڻ جي دعوا ان سلسلي ۾  ڊي ايس پي ڪنڊيارو امداد علي سولنگي ايس ايڇ او رحم علي واسواڻو اي ايس آءَ رياض حسين مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا سينٽر جي صحافين کي ٻڌايو ته   ڪنڊيارو شهر ۾ موٽرسائيڪلن جو آزار وڌڻ بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز جي هدايتن تي پوليس پاران  حڪمت عملي جوڙي مخفي اطلاع ڪاروائي ڪندي چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جيڪي جوابدار  ڏوهاري گروپن سان تعلق رکن ٿا جن ۾ لکمير ، حيدر ، عطامحمد ، فضل شامل آهن  گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان 26 موٽرسائڪيلون هٿيار ۽ ٽيهه ڪلو کان مٿي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته  جوابدارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي سندن ساٿي فرار آهن جن جي گرفتاري لاءُ پڻ پوليس جون ڪاروايون جاري آهن جلد سندن ساٿي به قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا هنن  چيو ته جوابدار گرفتار ٿيل جوابدار ٻن ڏوهاري گروپن سان تعلق رکن ٿا جن جا سربراه پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن  جڏهن ته هٿ آيل موٽرسائيڪلون ڪنڊيارو محراڀپور سميت مختلف هنڌن تان چوري ڪيون ويو آهن هنن چيو ته سماج دشمن عناصرن کي برداشت نه ڪيو ويندو ڏوهارين خلاف پوليس جون ڪاروايون جاري رهنديون ان موقعي تي وڏو منشي محمد علي راڄپر ، ذوالفقار علي ممڙ ،نعمت کوسو  محمد خان جتوئي ۽ ٻيو عملو پڻ موجود هيو

Read Previous

پوٽي پب جي گيم گيڏڻ لاءِ ڏاڏي جي لکين روپين جي پينشن داءُ تي لڳائي ڇڏي

Read Next

پيرا ميڊيڪل جي خلاف سول اسپتال جو احتجاج ۾ معظم عباسي جي شرڪت

Most Popular