وزيراعظم ڪراچي ۾ ٻارڙي جي قتل ۽ موٽروي تي عورت سان زيادتي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پنجن سالن جي ٻارڙي ۽ لاهور ويجهو موٽروي تي عورت سان اجتماعي زيادتي وارن واقعن جو سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.وزيراعظم لاڳاپيل آءِ جيز کان ڄاڻايل واقعن بابت رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن ۽ چيو آهي ته عورتن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي. ڪنهن به مهذب معاشري ۾ اهڙي درندگي ۽ حيوانيت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙا واقعا اسان جي سماجي قدرن جي نفي ۽ سوسائٽي تي بدنما داغ آهن.وزيراعظم واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ سخت سزا ڏيارڻ جو حڪم ڏنو

Read Previous

مريد عباس قتل ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار عادل زمان سپريم ڪورٽ مان فرار

Read Next

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثرن لاءِ ستر ڪروڙ روپيا منظور

Most Popular