سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثرن لاءِ ستر ڪروڙ روپيا منظور

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سموري صوبي ۾ برسات متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۽ رليف جي لاءِ 70 ڪروڙ روپين جي گرانٽ منظور ڪري ڇڏي. وزيراعليٰ هائوس ۾ برسات متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مشيرن  سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏجي برسات متاثر ضلعن جو دورو ڪيو آهي جتي عوام تڪليفن ۾ پيو گذاري. اجلاس ۾ رليف ورڪ لاءِ فنڊز جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد وڏي وزير خزاني جي سيڪريٽري کي فوري طور تي 70 ڪروڙ روپيا صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ (پي ڊي ايم) ۽ ايس ايم بي آر کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت متاثر ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اهو ڪافي ناهي، ٻهراڙيءَ وارن علائقن جو عوام جانور لاءِ چاري ۽ مڇردانين جو مطالبو ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي ملير، سرجاني ٽائون، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ جانورن جي علاج ڪاڻ ڪيمپس قائم ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته جانورن لاءِ چارو به ڏنو ويندو.

Read Previous

وزيراعظم ڪراچي ۾ ٻارڙي جي قتل ۽ موٽروي تي عورت سان زيادتي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

بورڊ جتي چوندو اتي ڪم ڪندس: محمد يوسف

Most Popular