بورڊ جتي چوندو اتي ڪم ڪندس: محمد يوسف

لاهور: نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ بيٽنگ ڪوچ ۽ اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مثبت ڪم سبب ذميداريون سنڀاليون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۾ پنهنجون ذميداريون سنڀالڻ کانپوءِ هن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته پي سي بي ۾ هاڻ سٺا ڪم ٿي رهيا آهن ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وسيم ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته جڏهن منهنجي ان سان ملاقات ٿي ته پوءِ مون به ذمدياريون سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو، منهنجو هنن کي چيل هو ته جڏهن به پاڪستان ڪرڪيٽ کي منهنجي ضرورت پوي آئون حاضر آهيان، ڪرڪيٽ بورڊ ۾ مقرريون هاڻ صحيح ٿيون آهن. محمد يوف چيو ته هاڻ هو پي سي بي جو ملازم آهي ان ڪري بورڊ جتي چوندو هو اتي ڪم ڪندو، مونکي پي سي بي کان علاوه جتي به چيو ويندو اتي ڪم ڪندو.

Read Previous

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثرن لاءِ ستر ڪروڙ روپيا منظور

Read Next

ڏکڻ آفريڪي حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ کي تحليل ڪري ڇڏيو

Most Popular