ڏکڻ آفريڪي حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ کي تحليل ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون:ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ کي تحليل ڪري سمورا معاملا پاڻ سنڀالڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڏکڻ آفريڪا جي اسپورٽس ڪنفڊريشن اينڊ اولمپڪس ڪميٽي(ايس اي ايس سي او سي) ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا کي هڪ مهيني لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. قائم مقائم چيف ايگزيڪيوٽو ايس اي ايس سي او سي روي گوند جو چوڻ آهي ته اهڙو انتهائي قدم ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا جي گورننس ۽ منفي سوچ سبب کنيو ويو ته جيئن مستقبل ۾ بورڊ پنهنجن معاملن تي بهتر طريقي سان ڌيان ڏئي سگهي. ڏکڻ آفريڪن ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا ان وقت بحران جو شڪار ٿيا جڏهن اداري جي ڪنڊڪٽ جي حوالي سان هڪ رپورٽ شايع ٿي ۽ ان رپورٽ جي بنياد تي آگسٽ ۾ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ٿابنگ مور کان استعيفيٰ ڏياري وئي.

Read Previous

بورڊ جتي چوندو اتي ڪم ڪندس: محمد يوسف

Read Next

آنگ سان سوچي ”رائٽرز پرائز ڪميونٽي“ تان برطرف

Most Popular