پاڻ کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ غيرمحفوظ ٿي سمجهان:عائشه عمر

ڪراچي:اداڪاره عاشه عمر چيو آهي ته هوءَ سموري دنيا ۾ رات جو هڪ وڳي به نڪتي ته پاڻ کي محفوظ سممجهيو پر پنهنجي ملڪ ۾ ائين ناهي. عائشه عمر جو اهڙو بيان پنجاب پوليس جي آفيسر ۽ سي سي پي او لاهور جي عهدي تي موجود عمر شيخ جي هڪ ٽي وي بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن موٽر وي تي گجرپور ۾ حوس جو شڪار ٿيل عورت کي ڏوهي قرار ڏنو. لاهور جي سي سي پي او جو چوڻ آهي ته عورت کي رات جو 3 وڳي ٻارن سميت گهر کان نڪرڻ نه گهرجي ها ۽ جيڪڏهن نڪتي به ته کيس موٽروي جو سفر نه ڪرڻ گهرجي ها، ان بيان کانپوءِ هن کي سڀني طرفان تنقيد جو ٿيڻو پيو آهي. اداڪاره عاشه عمر به اهڙي حوالي سان هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته”ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن ڪنهن عورت کي هنگامي حالتن ۾ ٻاهر نڪرڻو پئجي وڃي، ان وقت ڇا ٿيندو جيڪڏهن سندس گهر جي ڪنهن ماڻهوءَ کي طبي امداد جي ضرورت پئجي وڃي.

Read Previous

سشانت سنگهه ڪيس:ريا چڪرورتي جي ضمانت واري درخواست رد

Read Next

ماسڪو ۾ چين ۽ ڀارت طرفان سرحدي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي اتفاق

Most Popular