ماسڪو ۾ چين ۽ ڀارت طرفان سرحدي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي اتفاق

ماسڪو: چين ۽ ڀارت جو چوڻ آهي ته سفارتي اجلاس بعد هماليائي سرحد تي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب چيني رياستي ڪائونسلر وانگ يي ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر خميس جي ڏينهن ماسڪو ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پنج نڪتن تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي جنهن ۾ رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي ته موجوده سرحدي صورتحال سندن مفاد وٽان ناهي ۽ ٻنهي ڌرين جي فوج کي جلد ئي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ گهرجي اهڙو اتفاق شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ڪيو ويو ۽ اهڙي وقت سامهو آيو آهي جڏهن هلندڙ هفتي ئي اولهه هماليا جي سرحدي علائقي ۾ ڀارت ۽ چيني فوج وچ ۾ جهڙپون ٿيون هيون. 

Read Previous

پاڻ کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ غيرمحفوظ ٿي سمجهان:عائشه عمر

Read Next

سنڌ کي حق نه ڏنا ويا ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular