سنڌ کي حق نه ڏنا ويا ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

بدين : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق سنڌ حڪومت کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، پ پ عوامي پارٽي آهي، ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪنداسينعمرڪوٽ ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته وفاق ٻوڏ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪا به مدد نه ڪئي آھي، پ پ 2011 جي ٻوڏ ۾ عوام جي تاريخي مدد ڪئي، وفاقي حڪومت کي ھن ڏکئي وقت ۾ قومي سوچ جو مظاھرو ڪرڻ کپي.هن چيو ته برساتن سبب عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ نقصان سڄي پاڪستان کي ڏيکارڻ آيو آهيان، شاهه محمود قريشي هتان ووٽ وٺي گم ٿي ويو، وزيراعظم عمران خان ۽ شاھه محمود قريشي کي عمرڪوٽ اچي ٻوڏ متاثرين جي سار لھڻ کپي.سندس چوڻ هو ته لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، زراعت کي وڏو نقصان پهتو آهي، هن وقت مزدورن، هارين ۽ غريب شهرين جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي، يقين آهي ته پاڪستان جو عوام عمرڪوٽ جي برسات متاثر ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق سنڌ حڪومت کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، وزيراعظم کي سنڌ کي حق ڏيڻا پوندا، حق نه ڏنا ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻنداسين.

Read Previous

ماسڪو ۾ چين ۽ ڀارت طرفان سرحدي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي اتفاق

Read Next

موٽورولا جو هڪ ٻيو نئون فون متعارف

Most Popular