موٽورولا جو هڪ ٻيو نئون فون متعارف

موٽورولا گذريل سال نومبر ۾ ڪالاسڪ موٽر ريزر 3 کي نئين شڪل ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻ ان جو اپ ڊيٽ ماڊل به پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 5 جي سپورٽ ڏني وئي آهي. ان نئين موٽورولا ريزر ۾ 5 جي سپورٽ لاءِ ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون 765 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي. فون جي اندر 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج موجود آهي جڏهن ته ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ موجود نه آهي، فائيو جي ايڊيشن ۾ 6.2 انچ پلاسٽڪ او ايل اي ڊي پينل  ڊسپلي لاءِ ڏنو ويو آهي جڏهن ته 2.7 انچ گلاس او ايل اي ڊي سيڪنڊري اسڪرين جي طور تي اڳيان موجود آهي جنهن ۾ ڪواڊ پڪسل ٽيڪنالوجي موجود آهي جڏهن ته آپٽيڪل اميج اسٽبلائيزيشن ۽ ليزر فوڪس ٽيڪنالوجي به ڏني وئي آهي. اها ڪيمرا سيڪنڊري اسڪرين جي مٿان موجود آهي ۽ ان کي فون فولڊ ٿيڻ تي سيلفي ڪيمرا لاءِ به استعمال ڪري سگجي ٿو. فرنٽ تي 20 ميگا پڪسل ڪيمرا نوچ جي اندر ڏني وئي آهي جيڪا فولڊ ايبل پرائمري اسڪرين ۾ موجود آهي. گڏيل طور تي فون ۾ 2 ئي ڪيمرائون آهن ۽ ٻئي فل ايڇ ڊي وڊيو، سلوموشن وڊيو سپورٽ فراهم ڪن ٿيون. ريزر 5 جي ۾ اينڊرائڊ 10 آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي جنهن جي قيمت 14 سئو ڊالر (2 لک 33 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي. خيال رهي ته گذريل سال ريزر فون کي 15 سئو ڊالرن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو يعني اپ ڊيٽ ورجن وڌيڪ سستو آهي.

Read Previous

سنڌ کي حق نه ڏنا ويا ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

لاڙڪاڻو: وارثن پاران پنهنجي پيارن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

Most Popular