لاڙڪاڻو: وارثن پاران پنهنجي پيارن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سندن وارث عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن طرفان لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا پل وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي ايس ايس پي چوڪ، ڊي آءِ جي آفيس روڊ، وي آءِ پي روڊ سميت مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي. جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته مظاهرين جي هٿن ۾ پنهنجي پيارن جون تصويرون ۽ بينر کنيل هئا، جيڪي اڀ ڏاريندڙ نعره هڻي پنهنجي ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا هئا، بعد ۾ پريس ڪلب اڳيان پڻ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي 3 آگسٽ 2018ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني مان کنڀيل پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ جي والد عبدالڪريم ٽڳڙ، 29 مئي 2017ع تي نظر پاڙي مان کنڀيل درزي انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ، افسانه ۽ نصرت دايو، 22 نومبر 2017ع تي مراد واهڻ پاڙي کنڀيل اسٽيٽ لائيف ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي جي والد عبداللطيف سولنگي، 26 نومبر 2019ع تي خالق ڪالوني مان کنڀيل پورهيت غلام عمر مغيري جي ڀاءُ ضياءُ الدين مغيري، 7 مئي 2017ع تي ڏوڪري شهر مان کنڀي گم ڪيل هاري غلام مرتضيٰ جوڻيجو جي امڙ شهزادي جوڻيجو، ڌيء سورٺ جوڻيجو، 5 آگسٽ 2017ع تي ڏوڪري شهر مان کنڀي گم ڪيل نوجوان پورهيت شاهد جوڻيجو جي گهرواري شبانه جوڻيجو، ڀيڻ ممتاز خاتون، 28 اپريل 2017ع تي خيرپور ميرس مان کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو جي ڌيء ماروي ڪانڌڙو، ڪراچي مان گذريل 23 آگسٽ لاڙڪاڻي واسين ٻن ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو جي امڙ مسمات رحمت خاتون سومرو، گذريل 27 جولاءِ تي ڪراچي مان کنڀيل عبدالستار هڪڙو جي گهرواري تهذيب خاتون، ڀاءُ عبدالجبار هڪڙو ۽ ٻين وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سالن کان وٺي اسان جي پيارن کي بيگناھ کنڀي قيد ۾ رکيو ويو آهي، جن جو ڪو به ڏس پتو ڪونهي، هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن، جنهن ڪري اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشاني ۽ مايوسي ۾ مبتلا آهيون، ڏوڪري مان کنڀيل غلام مرتضيٰ جوڻيجو جو والد ڪامل حسين جوڻيجو ۽ شاهد جوڻيجو جي امڙ اشرف خاتون پنهنجي پٽن جي صدمي سبب فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته کنڀيل ماڻهن جا ڪيترئي گهرڀاتي بيماري جي بستري تي پيل آهن. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل سمورا ماڻهو پنهنجي گهرڀاتين جي ڪفالت ڪندڙ واحد فرد هئا، جن جي کنڀجڻ کان پوءِ سندن گهرڀاتي ڦاڪاڪشي جو شڪار آهن، اسان لاڳاتار لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندا پيا اچون، جڏهن ته عدالتن ۾ درخواستون به داخل ڪرايل آهن، پر ان باوجود اسان جي پيارن کي نه پڌرو ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي عدالتن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل سبب اسان سمورا وارث هر پل مرڻ ۽ جيئڻ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن صدر پاڪستان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف، وزيراعظم پاڪستان سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي اسان ۾ پيدا ٿيل بيچئني ختم ڪئي وڃي.  

Read Previous

موٽورولا جو هڪ ٻيو نئون فون متعارف

Read Next

عورت سان زيادتي جي ڪوشش، پوليس پاران متاثر عورت جي گهرڀاتين کي هي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular