برطانيه ۾ چوٽيهه سالن جي عمر دوران ويهه ٻارن جي ماءُ بنجندڙ عورت

لنڊن: دنيا ۾ ڪيترائي جوڙا اهڙا آهن جيڪي اولاد جي لاءِ  ترسي رهيا آهن پر ڪيترائي  اهڙا جوڙا به آهن جنهن کي رب پاڪ اولاد جي نعمت سان نوازي ڇڏيو آهي.  ڪجهه عورتون اهڙيون به آهن جيڪي ننڍي ئي عمر ۾ وڏي انگ ۾ ٻارن جي ماءُ بڻجي ويون آهن. اوهان کي شايد يقين نه اچي پر اهو سچ آهي ته برطانيه جي هڪ 34 ساله عورت 20 ٻارن جي ماءُ آهي.  (او اين ايس) جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 7 اهڙيون عورتون آهن جن وٽ 20 يا ان کان وڌيڪ ٻار آهن. انگن اکرن موجب ان مان ڪجهه عورتون اهڙيون آهن جنهن پنهنجي نوجواني جو سمورو حصو حمل جي ڪنهن نه ڪنهن اسٽيج تي گذاريو آهي ۽ ان ۾ سڀني کان ننڍي عمر جي عورت جي عمر 34 سال آهي جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ عمر واري عورت جي عمر 45 سال آهي. حڪومتي انگن اکرن موجب سڀني کان ننڍي عمر جون عورتون جن وٽ ٻار جي پيدائش ٿئي ان جي عمر صرف 13 سال هئي جڏهن ته سڀني کان وڏي عمر ۾ ماءُ بنجندڙ عورت جي عمر 47 سال هئي.   ياد رهي ته برطانيه ۾ هن وقت سڀني کان وڌيڪ ٻارن واري فيملي ريڊ فورڊ آهي جنهن هلندڙ سال اپريل ۾ 22هين ٻار کي جنم ڏنو آهي ۽ هن وقت سوريڊ فورڊ جي عمر 45 سال آهي.

Read Previous

نيب آئسوليشن مرڪزن ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي

Read Next

لنڪا پريميئر ليگ: رانديگرن جي نيلامي پهرين آڪٽوبر تي ٿيندي، شاهد آفريدي به شامل

Most Popular