دوحه: افغان طالبان اسلامي نظام ۽ وڌيڪ قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

دوحه: قطر ۾ جاري بين الافغان ڳالهين ۾ افغان طالبان اسلامي نظام ۽ وڌيڪ 737 قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڳالهين جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اميد آهي ته افغان پناهگير جلد پنهنجي ملڪ واپس موٽي ويندا. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ امن جي حمايت ڪري ٿو. دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين جو پهريون مرحلو آهي.  افغان حڪومت جي وفد جي سربراهه عبدالله عبدالله  ملڪ جي سمورن حصن ۾ انساني بنيادن تي سيز فائر جو  مطالبو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته امن ڳالهين کان پوءِ به عالمي مدد جي ضرورت پوندي. ڳالهين ۾ افغان طالبان اسلامي نظام ۽ وڌيڪ 737 قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته آمريڪا خودمختار، جمهوري ۽ پرامن افغانستان جي حمايت ڪري ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڳالهين جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اميد آهي ته افغان پناهگير جلد پنهنجي ملڪ واپس موٽي ويندا.

Read Previous

زيادتي جا واقعا: ڇا اوهان جي پارٽي جاڳي وئي آهي؟ فيروز خان جو بختاور کان سوال

Read Next

عرب اتحادي فوج جو حوثي باغين جي ٺڪاڻن مٿان حملو، چار ڊرون جهاز تباهه

Most Popular