سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي مخدوم جميل الزمان سان تعزيت

حيدرآباد :  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هالا پهچي مخدوم هائوس ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان سان سندس ڀاءُ ۽ صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان سان سندس چاچي مخدوم عقيل الزامان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي_ ان موقعي تي ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو کان علاوه سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ، ڊي سي مٽياري غلام حيدر چانڊيو ، ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏهئا- ان موقعي تي مخدوم هائوس هالا ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته  وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي جو ملبو هميشه پي پي پي جي حڪومت مٿان وجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ وفاقي حڪومت  ملڪ جي ٻين صوبن کي  ته پاڻ سان گڏ کڻي هلي رهي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت درپيش مسئلن بابت پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي ته وفاقي حڪومت پاران کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي  _ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هن وقت ٻوڏ واري صورتحال آهي پر وفاقي حڪومت پاران ڪي به قسم جي مدد نه پئي ڪئي وڃي _ هن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن  جا دورا ڪيا آهن ۽ اتان جا رهواسي اهو مطالبو ڪن ٿا ته سنڌ ۾ 2010  دوران آيل مها ٻوڏ دوران جهڙي ريت سندن سهائتا ڪئي وئي هئي ان قسم جي مدد جي ضرورت آهي پر اهو ممڪن ناهي ڇاڪاڻ ته 2010 دوران آصف علي زرداري ملڪ جو صدر هو _ هن چيو ته وفاقي حڪومت کي صوبي جي برسات متاثر جي اهنجن جو احساس ئي نه آهي ۽ خبر ناهي اهي ڇوٿا چاهين ته سنڌ جا ماڻهو پريشان رهن _ هڪ ٻئي سوال تي وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي _  هن اڳ ۾ به ڪيسن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي  ۽ هاڻي به ڪندو ۽ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندو جڏهن ته سندس  مٿان مڙهيل  سمورا ڪيس سياسي آهن _ هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ ۾ پيل برساتن دوران 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ سنڌ حڪومت پاران 29 ضلعن مان 21 ضلعن کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي _ وڏي وزير ٻڌايو ته بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ 42 هزار خيما  ۽ 20 هزار کان وڌيڪ ٻيڙيون مهيا ڪيون ويون آهن جڏهن ته برسات متاثرن ۾ راشن جي فراهمي جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته متاثرن جو انگ وڌيڪ آهي  سنڌ حڪومت جا وسيلا گهٽ آهن جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي لکت توڙي ذاتي حيثيت ۾ سهائتا جي درخواست ڪري چڪا آهيون _ وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سفارتڪارن سان ملاقات ڪري کين سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت آگاهي ڏني _ وڏي وزير چيو ته کيس ميڊيا کان اها شڪايت آهي ته انهن سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال بابت مناسب آگاهي ناهي ڏني جنهن سبب سفارتڪارن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ برسات کانپوءِ ڪهڙي تباهي آئي آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه جي خبر ناهي ته ميڊيا جي اهڙي عمل جي پويان ڪهڙي سازش آهي.

Read Previous

نوشهروفيروز ۾ احتجاجي مظاهرو، عورت سان انصاف مطالبو

Read Next

گڏاپ : گم ٿيل نوجوان جا وارث انصاف لاءِ پريس ڪانفرنس

Most Popular