نوشهروفيروز ۾ احتجاجي مظاهرو، عورت سان انصاف مطالبو

لاھور موٽروي تي عورت سان اجتماعي زيادتي واري واقعي خلاف شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس کان شروع ٿي ۽ شھر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب نوشهروفيروز پھتي. ان موقعي تي اڳواڻن امير راڄپر، عبدالغفار لھراڻي، ساجد سومرو ۽ ٻين چيو ته لاھور موٽروي تي عورت سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ وارو واقعو انتھائي شرمناڪ عمل آھي. جڏھن ته سي سي پي او لاھور پاران واقعي تي ڏنل ڪمينٽس ان کان وڌيڪ شرمناڪ عمل آھي. ھنن چيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاسي ڏني وڃي ۽ سي سي پي او لاھور عمر شيخ کي فوري طور معطل ڪيو وڃي.

Read Previous

گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 سالن جي ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو

Read Next

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي مخدوم جميل الزمان سان تعزيت

Most Popular