گڏاپ : گم ٿيل نوجوان جا وارث انصاف لاءِ پريس ڪانفرنس

گڏاپ :  گڏاپ جي علائقي ايوب ڳوٺ کان پنج ڏينھن اڳ گھران مزدوري لاء نڪتل باسط بروھي گم گھر ڀاتي سخت پريشان انڊسٽريا ايريا نئين ڪراچي  ٿاڻي تي کي اين سي باوجود پوليس مدد ڪرڻ لاء تيار ڪونھي، پيرسن امڙ پنهنجي لغت جگر جي وڇوڙي تي  روئي روئي بيمار ٿي پئي وارثن پاران حد ٿاڻي جي پوليس ۽ اعلي اختيارن کان ڳولا ۾ مدد جي اپيل، تفصيل موجب گڏاپ جي علائقي ايوب ڳوٺ جو رھواسي عبدالله بروھي،طارق بروھي اولھ پريس ڪلب پھچي دانھيندي ٻڌايو ته پنج ڏينھن اڳ اسان جو سترھن سالن جو ننڍو ڀاء باسط ولد درمحمد بروھي مزدوري لاء گھران نڪتو جيڪو اڃان گھر واپس نه آيو آھي اسان حد جي پوليس ٿاڻي نئين ڪراچي انڊسٽريلنايريا  تي اين سي به داخل ڪرائي آيا آھيون پر پوليس مدد نه ٿي ڪري روز دلاسا ڏيئي واپس موٽائي ڇڏين ٿا، ھنن چيو ته پنھنجي وس آھر  شھر ۾ ڳولا ڪري رھيا آھيون پر ڇوڪرو گم آھي، ھنن ٻڌايو ته اسان پوليس ٿاڻن سان گڏوگڏ ايڌھي سينٽرن ۾ به اطلاع ڪري ڳوليو آھي پر ڪو ڏس پتو ڪونه پئجي سگهيو آھي، اسان غريب مسڪين مزدور ماڻھون آھيون، ڪنھن سان ذاتي دشمني ڪونھي، اڄ اوھان ميڊيا جي صحافين وٽ پھتا آھيون خدا واسطي اوھان صحافي اسان جي ڀاء جي ڳولا ۾ ميڊيا ذريعي مدد ڪيو، ھنن چيو ته ٻچي جي غم ۾ پوڙھي ماء ڏينھن رات روئي روئي بيمار ٿي پئي آھي، اسان کي شق آھي ته اسان جي ڀاء کي ڪوئي ورغلائي وٺي ويو آھي، ائين نه ٿئي جو اسان جي ڀاء کي ڪو جاني نقصان پھچي وڃي، اسان آعلى عملدارن وزيرآعلى سنڌ، آء جي سنڌ، گورنر سنڌ کان ڀاء جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪريون ٿا،

Read Previous

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي مخدوم جميل الزمان سان تعزيت

Read Next

ٺري ميرواهه جي ڳوٺ ڦوٽو دستي ۾ ٻين برادرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

Most Popular