ٺري ميرواهه جي ڳوٺ ڦوٽو دستي ۾ ٻين برادرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

ٺري ميرواهه : ٺري ميرواه ڳوٺ ڦوٽو دستي ۾ دستي برادري جو جهيڙو فائرنگ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا شديد زخمي   تفصيل موجب ٺري ميرواه جي ڳوٺ ڦوٽو دستي ۾ دستي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين جهيڙو فائرنگ ڏنڊن ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو نتيجي ۾ مسمات نسيم ۽ دلبر دستي زخمي ٿي پيا آھن جن کي اعلاج لاء ٺري ميرواه اسپتال پهچايو ويو ٻي پاسي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي مظھر ,اسد ,سعيد,رياض دستي ۽ ٻين ٻڌايو ته معشوق دستي ٻيا ماڻھون وٺي اچي زبردستي اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آھي ۽ فائرنگ پڻ ڪرائي اٿس هنن اعلا اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

گڏاپ : گم ٿيل نوجوان جا وارث انصاف لاءِ پريس ڪانفرنس

Read Next

حمزه شهباز کان پوءِ سندس گهر واري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي

Most Popular