حمزه شهباز کان پوءِ سندس گهر واري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز کان پوءِ سندس گهر واري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي. حمزه شهباز جي گهر واري ڊاڪٽر رابعه ڇنڇر تي جيل ۾ پنهنجي مڙس سان ملاقات ڪئي هئي.  حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر رابعه جي به ٽيسٽ ڪرائي وئي جيڪا پازيٽو اچي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) جي گرفتار  اڳواڻ حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي.  ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ حمزه شهباز پنهنجي پيءُ شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي هئي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي صدر شباز شريف چيو هو ته منهنجي پٽ حمزه شهباز کي جيل ۾ ڪورونا ٿي ويو ۽ هو سياسي انتقام جو انتهائي جرئتمندي سان مقابلو ڪري رهيو آهي.

Read Previous

ٺري ميرواهه جي ڳوٺ ڦوٽو دستي ۾ ٻين برادرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

Read Next

فيصل آباد ۾ ڇوڪريءَ سان اجتماعي لڄالٽ

Most Popular