سعودي عرب پهرين جنوري کان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي عرب پهرين جنوري 2021 کان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب سعودي گهرو وزارت چيو آهي ته پهرين جنوري 2021 کان ايئرپورٽس، بندرگاهون ۽ سرحدي چوڪيون کوليون وينديون.  جڏهن ته عمري بابت لائحه عمل بعد ۾ طئي ڪيو ويندو. گهرو وزارت موجب سعودي شهري پرڏيهه وڃي سگهندا. جڏهن ته خروج وعوده(مخصوص ويزي) تي موجود پرڏيهين کي سعودي عرب واپس اچڻ جي اجازت هوندي. واضح رهي ته 12 مارچ تي ڪورونا وائرس سبب سعودي عرب يورپي يونين سميت 12 نون ملڪن تي سفري پابنديون لاڳو ڪندي عمره زائرين ۽ وزٽ ويزه رکندڙن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي هئي.

Read Previous

جاپان جي حڪمران پارٽي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو

Read Next

اسرائيل سان معاهدن کان پوءِ مسجد اقصيٰ جي ورهاست ممڪن ٿي وئي: ماهر

Most Popular