جاپان جي حڪمران پارٽي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو

ٽوڪيو:جاپان جي حڪمران پارٽي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو. برطانوي نشرياتي اداري موجب حڪمران پارٽي جي استعيفيٰ ڏيندڙ شنزو آبي جي جاءِ تي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊيو آهي ۽ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽ جو عمل به جاري آهي. اڳوڻي وزيراعظم شنزو آبي طبيعت جي خرابي سبب گذريل مهيني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. برطانوي ميڊيا موجب 71 سالن جو سوگا جاپان جي موجوده انتظاميا سان چيف ڪيبيٽ سيڪريٽري طور ذميداريون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ کيس اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن ساٿين مان سمجهيو وڃي ٿو جنهن سبب امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سوگا وزيراعظم ٿيڻ جي صورت ۾ شنزو آبي جي ئي پاليسين تي ڪم ڪندو.

Read Previous

زيادتي جي ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ گهرجي: بشريٰ انصاري

Read Next

سعودي عرب پهرين جنوري کان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular