اسرائيل سان معاهدن کان پوءِ مسجد اقصيٰ جي ورهاست ممڪن ٿي وئي: ماهر

يروشلم: قانوني ماهرن چيو آهي ته سفارتي لاڳاپن جي لاءِ عرب رياستن جي اسرائيل سان گڏ معاهدن کان پوءِ مسجد اقصيٰ جي ورهاست وارو رستو سڌو ٿي ويو آهي. عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٽيريسٽرينل يروشلم(ٽي جي) نالي اين جي او جي هڪ خاص رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته اسرائيل سان متحده عرب امارات ۽ بحرين  پاران سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي معاهدن ۾ استعمال ڪيل زبان کان پوءِ مسجد اقصيٰ جي احاطي تي مسلمانن جو مڪمل اختيار ختم ٿيڻ جو رستو نڪري ٿو.1967ع ۾ 35 ايڪڙن تي ٻڌل الحرم الشريف يا الاقصيٰ مسجد جي احاطي بابت اسرائيل به اهو مڃيو هو ته هتي غير مسلمانن کي اچڻ جي اجازت ته هوندي پر اهي عبادت نه ڪري سگهندا. 2015 ۾ نيتن ياهو به ان حيثيت کي مڃن جو نئين سري سان  اعلان ڪيو هو.  رپورٽ موجب 13 آگسٽ تي آمريڪا، اسرائيل ۽ متحده عرب امارات جي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ اها شق شامل آهي ته امن جي وزن جي تسلسل لاءِ پرامن مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي عبادت گذارن کي مسجد ۽ يروشلم جي ٻين مقدس هنڌن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل احاطي ۾ مسجد جي عمارت کان علاوه ٻين ڍانچن کي مقدس عمارتون قرار ڏئي ٿو ۽ هتي يهودين سميت ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙن کي داخل ۽ عبادت جي اجازت ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان فلسطيني وڪيل خالد زبرقا چيو آهي ته معاهدي ۾ اها شق مڃي متحده عرب امارات مسجد اقصيٰ تي مسلمانن جي مڪمل اختيار کان هٿ کڻي ويو آهي ۽ ان تي اسرائيل جو اختيار به مڃي چڪو آهي.خالد زبرقا  چيو آهي ته معاهدي جي اها شق عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽  1967ع ۾ مسجد اقصيٰ جي مڃيل حيثيت کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. 1967ع ۾ اهو مڃيو ويو آهي ته هن احاطي تي صرف مسلمانن جو حق آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته امارات ۽ بحرين سان معاهدي ۾ شامل هن شق جي لفظ جي چونڊ سوچي سمجهي ڪئي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ ان سان مسجدالاقصيٰ جي موجوده حيثيت ۾ تبديلي جو رستو سڌو ٿيندو.

Read Previous

سعودي عرب پهرين جنوري کان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

دنيا ۾ ٻه ڪروڙ اوڻانوي لک سٺ هزار کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض سامهون اچي ويا

Most Popular