سي سي پي او لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان ڏيڻ تي معافي گهري ورتي

لاهور: سي سي پي او لاهور عمر شيخ موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي آهي.  سي سي پي او لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان تي معافي گهرندي چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي ڳالهين سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان متاثر عورت ۽ سمورن طبقن کان معافي گهران ٿو.  عمر شيخ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان اڳ به ان بيان تي معذرت ڪئي هئي ته ان سان منهنجو ڪوبه غلط مقصد يا تاثر نه هو پر جيڪڏهن منهنجي بيان سبب  ڪا غلط فهمي پيدا ٿي آهي ته مان نه صرف زيادتي جو شڪار ٿيندڙ پنهنجي ڀيڻ کان معذرت ڪريان ٿو پر ان سمورن طبقن کان جيڪي هن وقت ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهن انهن کان به معافي گهران ٿو.

Read Previous

دنيا ۾ ٻه ڪروڙ اوڻانوي لک سٺ هزار کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض سامهون اچي ويا

Read Next

ميرپورخاص جي انتظاميه پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ امداد ورهاست جي پروگرام کي خراب ڪرايو، حليم عادل شيخ

Most Popular