دنيا ۾ ٻه ڪروڙ اوڻانوي لک سٺ هزار کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض سامهون اچي ويا

نيويارڪ: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب  سڄي دنيا ۾ 2 ڪروڙ 89 لک 60 هزار 962   ماڻهو متاثر ۽ 9 لک 24 هزار 875 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سڄي دنيا ۾ ڪورونا جا متاثر 2  ڪروڙ 84 لک کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب ٿيا ۽ هن وقت ايڪٽو ڪيسن جو انگ 72 لک 8 هزار 604 رهجي ويو آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 66 لک 76 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 519 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. آمريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ هڪ لک 98 هزار 128 ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 47 لک 54 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ وڌيڪ هڪ هزار 108 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن  ۽ فوتين جو گڏيل انگ 78 هزار 614 ٿي ويو آهي.  برازيل ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 43 لک 15 هزار کان وڌي ويو آهي.  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ هڪ لک 31 هزار 274 ٿي ويو آهي. روس ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي جتي 10 لک 62 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 18 هزار 578 ٿي ويو آهي.  پيرو ۾ به 7 لک 22 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 30 هزار 593 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. ڪولمبيا ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ڇهين نمبر تي آهي جتي 22 هزار 734 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته 7 لک 8 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 15 هزار 427 ٿي ويو آهي.  جڏهن ته 6 لک 48 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ميڪسيڪو ۾ 5 لک 63 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن ۽ 70 هزار 604 فوتگيون ٿيون آهن.. ياد رهي ته ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 17 نومبر 2019 تي رپورٽ ٿيو هو ۽ 6 مارچ تي سڄي دنيا ۾ ڪيسن جو انگ 1 لک کان مٿي ٿي ويو.  

Read Previous

اسرائيل سان معاهدن کان پوءِ مسجد اقصيٰ جي ورهاست ممڪن ٿي وئي: ماهر

Read Next

سي سي پي او لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان ڏيڻ تي معافي گهري ورتي

Most Popular