ميرپورخاص جي انتظاميه پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ امداد ورهاست جي پروگرام کي خراب ڪرايو، حليم عادل شيخ

ميرپورخاص   :  پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ راجا هائوس ميرپورخاص ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ان سان گڏ پي ٽي آئي جي عورت ايم پي اي دعا ڀٽو، اڪبر پلي، جهانشير جوڻيجو، آفتاب قريشي راجا عبدالحق سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته صدر پاڪستان جي آمد جي موقعي تي لڳايل ڪئمپ ۾ متاثرين کي وقفي وقفي سامان جي ورهاست ڪري رهيا هئا سين اوچتو هزارين ماڻهن کي گهرايو ميرپورخاص جي انتظاميه پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ امداد ورهاست جي پروگرام کي خراب ڪرايو.اسان انهي ڏينهن سمورو سامان انهي برسات سٽيلن ۾ ورهائڻ جو پروگرام رکيل هو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان وفاق جي مدد سان برسات سٽيلن ۾ راشن، ٽينٽ، مڇردانيون، پاڻي سميت ٻيو سامان ورهائي رهيا آهيون، هزارين برسات سٽيل خاندان روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن سنڌ حڪومت ڪنهن جي به مدد ناهي ڪئي، بلاو کان جيڪو به سوال ڪيو ٿيو وڃي ان جو صرف اهو جواب ڏي ٿو ته وفاق اسان کي ڏي ته ورهايون. وزيراعليٰ، بلاول زرداري هيليڪاپٽرن تي دورا ڪري عوام جا ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ڇڏي ڪنهن غريب جي مدد نه ڪئي، انهي رقم جو راشن ئي غريب کي ملي ها ڪافي خاندان ٻن ويلن جي ماني حاصل ڪري سگهن بلاول کي خبر ناهي ته غريب جي اڳيان ٻن ويلن جي ماني جي ڪيتري حييثت آهي راشن جا عوام جو پيٽ ڀرجي رڳو ڀاشن ڏيڻ سان ڪجهه نه ورندو. ٻن هفتن کان بلاول رڳو وفاق تي تنقيد ڪري ڀاشن ڏيئي رهي آهي. اڌ سنڌ برساتي پاڻي ۾ ٻڌل آهي سنڌ جا وزير، مشير، پ پ جا اڳواڻ پارٽيون ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي نيب نوٽس وٺي 12 سالن جي پروجيڪٽن جانچ ڪري ملوث آفيسرن جو حساب ڪيو وڃي. ايريگيشن ۾ ڪرپشن جي سم نالن، توڙي ڪئنالن جي کاٽي نه ٿي سگهي نه ئي بندن کي مضبوط ڪيو ويو آهي رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين ڪم ڏيکاري بجيٽ هڙپ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سيلاب متاثرين جي بحالي تائين وفاق ڪم جاري رکندي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي مدد ڪريون پيا. هن چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتون ڪيو پيو وڃي سنڌ حڪومت اهڙن مافيائن جي سرپرستي ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري آئي روز بلنڊوگون ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ دعا ڀٽو ميرپورخاص جي مختلف روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل خاندان ۾ ٽينٽ، ڪپڙا توڙي، پاڻي ۽ ٻيا سامان تقسيم ڪيو.

Read Previous

سي سي پي او لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان ڏيڻ تي معافي گهري ورتي

Read Next

سيوهڻ ڀرسان هوٽل تي سھتا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو هڪ زخمي

Most Popular