سيوهڻ ڀرسان هوٽل تي سھتا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو هڪ زخمي

سيوهڻ: سيوهڻ لڳ يوسي ٽلٽي ۾ هوٽل تي سھتا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو، لٺيون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو زخمي، زخمي سيوهڻ اسپتال منتقل، فريادي ڌر پاران احتجاج، خبرموجب سيوهڻ ڀرسان يوسي ٽلٽي ۾ هوٽل تي سھتا برادري جي ٻن ڌرين وچ جھيڙو ٿي لٺيون لڳڻ سبب غلام شبير سھتو زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن سيوهڻ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ آندو جتي زخمي کي طبي امداد مهيا ڪئي وئي جڏهن تہ فريادي ڌر پاران ظفر سھتو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي اقبال، شھاب الدين صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو تہ جوابدار مير هزار، شھمير، طارق، امير سھتو پاران بااثر ماڻهن جي زور تي اسان سان ناحق ڪري رهيا آهن سال اڳ اسان جي همراه کي ڳولي هڻي زخمي ڪيو هو هڪ دفعو ٻيھر لٺيون ڪھاڙيون ساڻ ڪري اسان جي همراه کي ڌڪي ڪندي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن اسين غريب مسڪين ماڻهون آهيون اسان جي ڪا به دشمني ناهي هرو ڀرو باواجي ڪري اسان سان وڙهن ٿا مظاهرين ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثرن جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

Read Previous

ميرپورخاص جي انتظاميه پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ امداد ورهاست جي پروگرام کي خراب ڪرايو، حليم عادل شيخ

Read Next

سيپڪو جا ملازم سراپا احتجاج، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پهتو، سهڪار جي خاطري

Most Popular