سيپڪو جا ملازم سراپا احتجاج، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پهتو، سهڪار جي خاطري

رتوديرو : واپڊا پاور اليڪٽرڪ ورڪر هائيڊرو يونين رتوديرو طرفان لاڙڪاڻي ڊويزن جر 12 ملازمن کي جبري رٽائر ڪرڻ واري عمل خلاف عمران علي شاھ، محمد اسلم جوڻيجو، اشرف علي دايو، بابو عديل قريشي، غلام اصغر، اسلم لاڙڪ، غوث علي شاھ، محمد يونس سومرو، غلام رسول سيلرو، شعبان علي هڪڙو، رياض حسين جوڻيجو، طفيل جتوئي، طفيل احمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ پنجين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻي تي ويٺل ملازمن وٽ اظهار همدردي طور جيئي سنڌ قومي محاذ چيئرمين صنعان خان قريشي پهچي ڌرڻي ۾ ويهي رهيو، ان موقعي تي صنعان خان قريشي ملازمن کي خاطري ڪرائي ته جسقم متاثر ملازمن سان گڏ آھي مبيانا طور جبري رٽائر ڪيل ملازمن بحالي لاء هر محاذ تي ڀرپور نموني آواز اٿاريو ويندو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين بابر ڀٽو، وائيس چيئرمين عمران علي شاھ، غوث علي شاھ ۽ ٻين چيو ته انجنيئر آپريشن ڊويزن سيپڪو لاڙڪاڻو مشتاق احمد بڙدي پنهنجي ڪيل ڪرپشن لڪائڻ ۽ آفيسرن کي خوش ڪرڻ لاء ڊويزن مان 12 ملازمن جن ۾ رتوديرو جي 9 ملازمن امام بخش جوڻيجو، يونس ڀٽو، عبدالحميد پهوڙ مير ڀٽو ۽ ٻين کي جبري رٽائر ڪيو ويو ۽ 3 ملازمن غلام رسول ٻرڙو، نعيم اختر سومرو، غلام اصغر ڌامراھ کي رورٽ ڪيو ويو آھي جيڪا ملازمن سان وڏي ناانصافي آھي، اسان ملازمن سان گڏ آھيون انهن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي، هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جسيتائين ملازمن کي جبري رٽائر ڪرڻ ۽ رورٽ ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي ويندي، هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسين حڪومت ۽ سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته انجنئير مشتاق احمد بڙدي طرفان ملازمن سان ناانصافي جو نوٽيس وٺي ملازمن کي فوري طور بحال ڪري انهن کي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي،

Read Previous

سيوهڻ ڀرسان هوٽل تي سھتا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو هڪ زخمي

Read Next

ريلوي پوليس جا ڪراچي واسي سان ڪلور،نوجوان کان 4 لک ڦري ماري ماري بيهوش ڪري ڇڏيو

Most Popular